خسرو خان چرڪس جي حويلي

خسرو خان چرڪس جي حويلي: ٺٽي ۾ موجود خان چرڪس'>خسرو خان چرڪس جي حويليءَ بابت سنڌ جي عظيم مؤرخ پير حسام الدين راشديءَ ’ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون‘ ۾ لکيو آهي ته: ”ٺٽي ۾ ترخان امير خان چرڪس جي حويلي'>خسرو خان چرڪس جي حويلي پنهنجي ڏينهن ۾ نهايت عظيم الشان ۽ ڏاڍي خوبصورت هئي. کيس عمارتن ٺهرائڻ ۽ يادگار قائم ڪرڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. هن پنهنجي حويلي به اهڙي ٺهرائي، جو ان جو تعميري حسن نمايان هو. حويلي ٻه ماڙ هئي. غالباً دابگيرن جي محلي ۾ جتي جامع مسجد خسرو خان آهي، ان جي آس پاس هئي. سندس پٽ لطف الله ڀائي خان جي به حويلي هئي، جيڪا پيءُ جي حويليءَ کان جدا ۽ پرڀرو هئي. شيخ ڪالو قريشي، ترخان دؤر ۾ ملتان کان ٺٽي آيو. خان چرڪس'>خسرو خان چرڪس کيس گهر ناٺي ڪري پنهنجي حويليءَ ۾ جاءِ ڏني. خسرو خان جي اولاد ختم ٿيڻ کان پوءِ انهيءَ حويليءَ ۾ شيخ ڪالو جو اولاد رهندو آيو ۽ اڃا تائين هيءَ عمارت ساڳئي نالي سان سڏجي ٿي ۽ شيخ ڪالو جو اولاد اتي رهندو ٿو اچي.“


لفظ خسرو خان چرڪس جي حويليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو